سوڀوديرو ڀرسان مڙس جو زال کي رسن سان ٻڌي لٺيون هڻي تشدد، زخمي!

سوڀوديرو (ن ع آ) سوڀوديرو ٿاڻي جي حد نواڙو ۾ ڪامران حطار پنهنجي گھر واري ٻن ٻارڙن جي ماءُ اسما کي رسن سان ٻڌي  لٺيون ھڻي سخت تشدد ڪري سخت  زخمي ڪري ڇڏيو، متاثر ناري کي بيهوشي حالت ۾ گمبٽ جي اسپتال گمس ۾ داخل ڪيو ويو، ان موقعي تي اسما جي ڀائرن محمد علي حطار، شاھد حطار صحافين کي ٻڌايو ته سندن ڀيڻ ٽيھن سالن جي اسما ڪامران حطار ولد حب علي کي ڏنل آهي جنهن مان کيس ٻه ٻارڙا به آهن ، سندس مڙس سدائين ھن مٿان تشدد ڪندو رھندو آهي پر گذريل رات ھن اسما مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ کيس سڄي رات سخت ٿڌ ۾ رسن سان ٻڌي ماريندو ڪٽيندو رھيو، اڄ صبح پاڙي جي ماڻهن اسما جون رڙيون دانھون ٻڌي اسان کي اطلاع ڏنو ۽ اسان وڃي کيس رسا کولي زخمي حالت ۾ سوڀوديرو ٿاڻي تي آندو ۽ اين سي داخل ڪرائي کيس  گمس اسپتال پھچايو جتي ھوءَ ھن وقت تائين بيهوش آهي سندس حالت تمام گھڻي ڳڻتي جوڳي آهي، ھنن چيو ته اسان ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي  آهي ته جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.