مهيسرو ۾ وظيفي مان ڪٽوتي، گرفتار ٿيل پئسا ڏئي آزاد

مھيسرو  ( ن ع آ ) گھوٽڪي ضلعي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مھيسرو لڳ محمدپور اسٽاپ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جاري ٿيڻ بعد ڊوائيس ھولڊرن خلاف شڪايتن تي پوليس ڪارروائي ڪئي، جنھن ۾ ڪجھه ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو ھو جيڪي مبينه ڏيتي ليتي بعد آزاد ٿي ويا،  ھڪ دفعو ٻيھر محمدپور بس اسٽاپ تي ڊوائيسون ھلائي ڪٽوتي ۽ فراڊ ۾ سرگرم ٿي ويا آھن ان موقعي تي علائقي واسين چيو ته  ڪجھه ڏينھن پھريان بي سيڪشن پوليس جي ڪارروائي ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن پوليس سان ڏيتي ليتي ڪري پاڻ کي آزاد ڪرايو جيڪي ھڪ دفعو ٻيھر اھڙي غير قانوني ڪم ۾ سرگرم ٿي ويا آھن ،واضح رھي مسڪين غريب عورتن جي اعلانيل ستن ھزارن واري قسط سان گڏ سندن ٻارن جا پئسا ۽ اڳ جون آيل قسطون به اڪثر شامل ٿي ويون آهن، جن کي مستحق عورتن تائين نه ٿو پھچڻ ڏنو وڃي، فقط ست ھزار ٻڌايا وڃن ٿا جنھن مان پڻ ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي،سياسي سماجي ڌرين پاران افسوس جو اظھار ڪندي اھڙن ماڻھن خلاف ايس ايس گھوٽڪي تنوير تنيو کان ڪاروائي جو مطالبو ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.