کوکراپار م بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم مان ڪٽوتي، احتجاج

کوکراپار (رپورٽ عنايت قمبراڻي) ملير جي مختلف علائقن ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط اچڻ بعد ڊوائيز هولڊر ملير جي مختلف علائقن  ملير ميمڻ ڳوٺ  کوکراپار درساڻو ڇنو شيدي ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ سومار اسماعيل ڳوٺ  سميت ٻين علائقن ۾ سرگرم ٿي ويا آهن ۽ ڊوائيز ھولڊر  ڌڪانن تي ويهي ۽ مختلف ڳوٺن ۾ گهر گهر وڃي مستحق عورتن ۽ ٻارڙن جي ملندڙ رقم مان هڪ هزارکان ٽي هزارروپيا ۽ ڪٿي ڪٿي اٻوجھ عورتن جا پنج کان ڇھ ھزار روپيا پڻ ڪٽوتي ڪري غريب عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن تي سرعام ڌاڙو هڻي رهيا آهن،جڏهن ته انتظاميا انهن جي اهڙي ڪڌي عمل تي مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.