اڏيرو لعل ۾ پوليس جي ڪاروائي 2جوابدار منشيات سميت گرفتار، 2 فرار

اڏيرو لعل وليج (رپورٽ معشوق علي قمبراڻي ) اڏيرو لعل اسٽيشن پوليس جي ڪاروائي 2جوابدار منشيات سميت گرفتار ۽ 2 فرار اڏيرو لعل اسٽيشن پوليس جي  اي ايس آءِ عبدلغفور ڪالرو پنھنجي معمول جي گشت تي صالح شاھ موري تي بيٺل ھو  ٽنڊو آدم کان ايندڙ پراڻي ماڊل جي ڪلٽس ڪار کي روڪڻ جو اشارو ڏنو جيڪا ڊرائيور سائيڊ تي بيھاري جنھن مان 2 جوابدار گلزار ساھووال ۽ خالد ساھووال لھي ڀڄي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي ويا باقي 2جوابدار ھڪ ڊرائيور نظير احمد ولد احمد زات ڏيرو ويٺل سانگھڙ ۽ ٻيو منير احمد ھوت بلوچ ويٺل نوبت مري کي ڪلٽس ڪار سميت گرفتار ڪري  تلاشي ورتي جن وٽان ھڪ ڪٽو مين پڙي 80 پڙيون ماوا گھٽڪا نڪتا جنھن جو منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ٻن کي مفرور ڪرار ڏنو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.