پيرجوڳوٺ ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج، جوابدارن تي قتل جي ڪوشش جو الزام

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ ڀرسان مگهنواري جي رهواسي ڳوٺاڻن مسمات عنايتان سهاڳ، الهڏتو سهاڳ، رفيق علي سهاڳ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڀاءِ رستم سهاڳ اسان جي 5 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي هينئر احتجاج ڪرڻ تي هن جوابدارن سان گڏجي پئٽرول پمپ تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪري اسان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هنن چيو ته هينئر اسان جي زندگين کي سخت خطرو آهي، اهڙي رپورٽ پيرڳوٺ ٿاڻي تي ڏني آهي پر پوليس بااثرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.