سنڌڙي ۾ وين ۽ ڪوسٽر مالڪن پاران شاگردن کي کڻڻ کان کتو جواب، ڌرڻو

سنڌڙي  (ن ع آ) سنڌڙي ۾  کپرو کان ميرپورخاص روڊ تي ھلندڙ وينن ۽ ڪوسٽر مالڪن جون هاءِ اسڪول هنگورنو تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندڙ شاگردن سان بي واجبيون وڌي ويون آهن وينن ۽ ڪوسٽرن وارن لال خان شاخ ۽ ساماروشاخ اسٽاپ تان اسڪول ويندڙ شاگردن کي کڻڻ کان کتو جواب ڏيندي ساماروشاخ اسٽاپ تي صبح واري ٽائيم گاڏيون روڪڻ ئي بند ڪري ڇڏيون، جنھن کان پوءِ هاءِ اسڪول هنگورنو جي شاگردن ڪائونسلر دلبر شر، شاگردن امين ﷲ شر، انعام الله شر جي اڳواڻي ۾ ساماروشاخ اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي کپرو، ميرپورخاص روڊ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ روڊ جي ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ جام رهي بعد ۾ ٽرانسپورٽرن طرفان شاگردن کي کڻڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪندي روڊ کوليو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.