نيوسعيد آباد ۾ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون، شاگرد خوف ۾ ورتل، ڌرڻو

نيوسعيدآباد )رپورٽ مشتاق راهو (  نيوسعيدآباد ڀرسان گورنمنٽ پرائمري اسڪول پانڌي هنگورو جي عمارت مڪمل تباهي حال جوشڪار ٿي وئي ڇتين ۾ ڏار پوڻ ڪري ڇاپڙ ڪري رهيا اهن ڇت ڪرڻ جي خوف سبب شاگرد اسڪول جي اڳڻ ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور اهن  ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن زوهيب هنگورو يعقوب  هنگورو  شاگردن سان گڏجي سخت احتجاج ڪندي ڇيو ته سندن اسڪول جي بلڊنگ تمام گهڻي پراڻي هجڻ ڪري برسات سبب سڄي عمارت هنڌا هنڌا ڏار پئجي رهيا اهن ڪمرن جي چتين مان روڙآنو چاپڙ ڪري رهيا اهن جنهن جي ڪري ڇتين جي اوچتو ڪرڻ جي خوف ۾آسڪولي شاگرد  سخت خوف  واري صورتحال ۾ سخت پريشان اهن هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سندن اسڪول جي نئين سر اسڪول جي عمارت ڪم ڪرائي  شاگردن جي تعليم کي تباهي کان بڄايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.