دادو ۾ وڏي وزير جي تڪ جي رهواسين جو نوجوان محمد حسن مري جي آزادي لاءِ احتجاج

دادو(عوامي آواز نيوز) وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي تڪ جي ڳوٺ واحد بخش مري جي رهواسين جو احتجاج، هنگامي پريس ڪانفرنس سليمان مري، عاشق، شوڪت، ميهر مري دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.ڏيڍ مهيني کان سندن نوجوان انجنيئر محمد حسن مري پراسرار طور گم آهي.  ڪاڇي ۾ قائم تيل ڪمپنين ۾ علائقي واسين کي نظر انداز ڪرڻ ۽ رائلٽي نه ڏيڻ تي اسان جي نوجوان تحريڪ هلائي هئي  پنهنجي علائقي جي ماڻهن لاءِ حق گهرڻ تان نوجوان کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي  ڏيڍ مهيني کان پوليس نوجوان کي ظاهر نه پئي ڪري،  ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ سميت اختيارين کان کنڀي  گم ڪيل نوجوان جو نوٽيس وٺن.  کنڀي گم ڪيل نوجوان کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ جلد آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه جي ڳوٺ واهڙ  ۾ علامتي بک هڙتال جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.