عمرڪوٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن جي صدارت ۾ تعزيتي اجلاس`

عمرڪوٽ (ڊ ر) اطلاعات کاتي عمرڪوٽ ۾ هڪ تعزيتي اجلاس ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات عمرڪوٽ غلام رضا کوسو جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ سموري  آفيس اسٽاف شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مقامي صحافي غلام مصطفي مهر جي چاچي فقير محمد مهر جي وفات تي دعا گهري وئي ته الله پاڪ سندس مغفرت ۽ جنت الفردوس ۾ بلند درجا عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر و جميل  عطا فرمائي.

 غوثپور ۽ ڀرپاسي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ٿڌ ۾ واڌ

غوثپور (ن ع آ)  غوثپور شهر  جي مختلف علائقن ۾  هلڪي هلڪي برسات جو وسڪارو سڄو ڏينهن جاري رهيو ،ٿڌ ۾ اضافو، رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا شهر  جي مختلف علائقن برسات جي ڪري   صبح کان برسات جو هلڪو وسڪارو جاري رهيو،جيڪو رات دير تائين جاري رهيو، سڄو ڏينهن برسات جو هلڪو وسڪارو پوڻ جي ڪري مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، ،سڄو ڏينهن بجلي بند رهڻ جي ڪري شهرين سخت پريشاني. ٿيندي رهي، برسات جي ڪري سوئي گيس جي پڻ لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آهي جنهن سبب رڌ پچاءُ ۾ پڻ پريشاني ٿيني رهي،برسات جي وسڪاري کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي،رهواسين پاران گرم شين جي استعمال وڌايو ويو آهي. رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.