پيرجوڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ برسات، ٿڌ ۾ واڌ، ٻوڏ متاثرن جا اهنج وڌي ويا

پيرجوڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات هلندڙ آهي برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جڏهن ته کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثرن جي اهنجن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي اهڙي صورتحال ڪري هوُ پريشان آهن. جڏهن ته ٿڌ ۽ اضافو ٿيڻ ڪري گئس جو بحران پڻ وڌي ويو آهي جنهنڪري مختلف اسڪولن، سرڪاري دفترن ڏانهن ويندڙ ماڻهو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته ڪاٺيون پڻ مهانگيون ٿي ويون آهن اهڙي صورتحال ڪري علائقي واسي سخت پريشانين جي ور چڙهي ويا آهن جڏهن ته برسات پوڻ ڪري ٽريفڪ پڻ متاثر ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.