دادو(عوامي آواز نيوز) دادو شھر ۽ ٻھڙاين ۾ چورين ڦرن جو آزار وڌي ويو دادو لڳ ڦلجي وليج ٿاڻي جي حد ۾ چودڳي اسٽاپ تان ڪرياني جي دوڪان کي اڻڄاتل چورن پاران کاٽ ھڻي دڪان مان روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، دوڪان مالڪ منير جمالي دانھيو ته اڳ به چور بئٽري ۽ سامان چوري ويا ھئا، ھاڻي ٻيھر دوڪان مان 50 ھزار ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته جلد چوريون واپس ڪرايون وڃن.