مٽياري ۾ بلدياتي چونڊن ۾ پ پ جو پ پ سان مقابلو

سڪندر ساهووال

ضلعي مٽياري ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ ۾ هالا جي مخدومن چاچي ۽ ڀائيٽي مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم رفيق الزمان کي الڳ الڳ پچ تي ڏٺو ويو هو. پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ چاچي ۽ ڀائيٽي يقينن زور لڳائي ٻنهي پنهنجا الڳ الڳ اميدوار ميدان ۾ لاهي ورتا هئا. جيتوڻيڪ 2022 وارين تيز طوفاني برساتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران مڪاني چونڊن ملتوي ڪيون ويون هيون پر سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي سخت هدايتون جاري ڪيون هيون ته هر حال ۾ بلدياتي چونڊون 15 جنوري تي ٿيڻ گهرجن.

سنڌ سرڪار چونڊن کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ به ڪافي وقت چونڊن لاءِ ماحول ٿڌو رهيو ۽ ڪورٽ جي ٻيهر سخت حڪمن کان پوءِ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙن اميدوارن کي پڪ ٿي ته چونڊون ضرور ٿينديون. تنهن کان پوءِ تعلقي مٽياري جي يونين ڪائونسلن اڏيرولال اسٽيشن، اڏيرولال وليج، شير محمد ٺوڙها، ڀائو خان پٺاڻ، سيکاٽ، کيبر، نوح هوٿياڻي، شاهپوردرپور، حسين هنڱورو، نوبت مري ايٽ عرضي هڪڙا، پليجاڻي اسٽيشن سميت ٻين يونين ڪائونسلن ۾ پ پ اڳواڻ هڪٻئي جي ئي سامهون مدمقابل اچي ويا.

جيڪڏهن رڳو يونين ڪائونسل اڏيرولال اسٽيشن جي ئي ڳالهه ڪجي ته ڄاڻايل يوسي ۾ پ پ جي نامزد ڪيل اميدوار عزت علي برهماڻي کي پارٽي ٽڪيٽ ڏني وئي ۽ تير کي هارائڻ لاءِ مخدوم جميل الزمان جو ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه کلي ميدان تي اچي ويو ۽ علائقي جي هر بااثر وڏيري وٽ پهچي هو پنهنجي آزاد بيٺل اميدوار آصف علي ڇٽو جنهن جو نشان ڍڳو هو. ڍڳي تي ٺپا هڻي ان کي ڪامياب ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪندو رهيو. جنهن ڪري اليڪشن واري ڏينهن شام جو آيل غير سرڪاري نتيجن مطابق پ پ جو نامزد اميدوار عزت علي برهماڻي هارائجي ويو ۽ ڍڳي جي نشان وارو آزاد اميدوار کٽي ويو. اهڙي طرح ٻين ڪيترين ئي يونين ڪائونسلن ۾ به پ پ کي شڪست نصيب ٿي ۽ آزاد اميدوار جن کي مخدوم جميل الزمان جي سپورٽ حاصل هئي اُهي. هڙئي ڪامياب ٿي ويا.

ڇا ماجرا آهي اهڙي ٽوپي ڊرامي جي ڪهڙي ضرورت هئي. چوڻ وارا اهو به چئي رهيا آهن ته مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم رفيق الزمان ۾ ڪي به اختلاف ناهن پر گذريل ٽن حڪومتن کان هيل تائين هالا جي اقتدار ڌڻين طرفان ضلعي مٽياري ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ جي ڪري ڄاڻايل موصوفن اها گيم کيڏي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪيئن به ڪري مڪاني چونڊن ۾ پنهنجن حامي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻو آهي.

ڏٺو وڃي ته تعلقو مٽياري تيل ۽ گيس جي قدرتي نعمتن سان مالا مال آهي، اربين روپيا رائلٽي ملڻ باوجود هن وقت به صرف تعلقي مٽياري جون سموريون يونين ڪائونسلن کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيون آهن. جيڪڏهن ڄاڻايل يونين ڪائونسلن جي روڊن جي ڳالهه ڪجي ته اُهي پرويز مشرف جي دور کان به اڳ جا ٺهيل آهن. جيڪي هينئر تباهه حال ٿي ويا آهن. جيڪڏهن تعليمي درسگاهن جي ڳالهه ڪجي ته اُهي به تباهه حال آهن، اتي به کوڙ سارين بنيادي سهولتن جي کوٽ موجود آهن، اسڪول آهن ته انهن ۾ وري فرنيچر ۽ استادن جو سخت فقدان آهي، جيڪڏهن ڳالهه ڪجي صحت جي بنيادي سهولتن جي ته تعلقي مٽياري جي سمورين يونين ڪائونسلن ۾ صحت جون عوام لاءِ ڪي به بنيادي سهولتون موجود ناهن ۽ هتان جو مهانگائي جو پيڙهيل عوام پيٽ جي ڪري. تعليم جي ڪري يا صحت جي ڪري. صورتحال ماڻهن لاءِ ڏاڍي مشڪل واري بڻيل آهي

هالا جي مخدومن ضلعي جي لڳ ڀڳ سمورين يونين ڪائونسلن تي آزاد ۽ پنهنجا حامي اميدوار ڪامياب ڪرائي ورتا آهن ۽ ٻي مرحلي ۾ هاڻ ضلعي حڪومت به ٺهڻي آهي. عام راءِ اها آهي ته جيئن گذريل دور ۾ هالا جي مخدومن ضلعي مٽياري کي ڪجهه به ناهي ڏنو. بلدياتي نظام کان پوءِ به ساڳيو ئي حشر ٿيندو. بلدياتي چونڊون ته پنهنجي پايه تڪميل تي پهتيون. جيڪي به نمائندا چونڊيا ويا آهن. اُهي مخدومن جا حامي آهن، جن کي مخدوم جيئن چوندا ايئن ئي ٿيندو پر اُها عام راءِ آهي ته هن ڀيري به بلدياتي نمائندا سکڻو پنهنجو وقت ئي پورو ڪري ويندا پر ضلعي ۾ ڪي به خاطر خواهه ترقياتي ڪم نه ٿي سگهندا. بهرحال اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي اهو هڪ وڏو سوال بڻجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.