ڪراچي شھر جي حڪومت حاصل ڪرڻ واري ڇڪتاڻ

يوسف سيف

اھو عجيب اتفاق ئي چئجي جو ھر دور جي آمر حڪمرانن مڪاني ادارن کي وڌيڪ سگھارو ڪيو آھي جڏھن تھ چونڊيل حڪومتن ۾ اھو ادارو مڪمل طور نظر انداز ٿيندو رھيو آھي، ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر اھا ھڪ حقيقت آھي. ھاڻوڪيون چونڊون بھ مڪاني ادارن  جي ٽرم ختم ٿيڻ بعد ورھين کان پوءِ ٿيون آھن،ڪراچي ۾ لڳ ڀڳ اڍائي سالن کانپوءِ آچر تي مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون ويون،جنھن ۾ ترتيبوار پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف پھرين نمبر تي، ٻئي نمبر تي ۽ ٽيئن نمبر تي آيون آھن.

عوام جي لاءِ اھي چونڊون ڪيتريون اھم آھن اھو ھڪ جدا معاملو آھي پر ان جو ھڪ پاسو ھي بھ آھي تھ ماڻھن جي مھانگائي، بيروزگاري،بدامني توڙي ٻين انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل ھئڻ ڪري، سياست ۾ دلچسپيءَ وڌڻ گھرجي ان جي جاءِ تي گھٽجي رھي آھي،جنھن جو اندازو چونڊن جي شرح مان لڳائي سگھجي ٿو جيڪو صرف 20 سيڪڙو تائين رھيو آھي، جنھن جي معنيٰ تھ اھا ٿي نڪري تھ شھر جي سئو ماڻھن مان اسي ڄڻن  ووٽ ڪاسٽ ئي نھ ڪيو آھي،ان جو ھڪ سببب انھن چونڊن جي بي يقيني بھ چئي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ جو اھي چونڊون منعقد ٿيڻ بھ ڪنھن پھاڙ چڙھڻ کان گھٽ نھ رھيو آھي.

ان دوران عدليھ جو در بھ کڙڪايو ويو تھ وري سياسي شو به ڪيا ويا تھ ڌمڪين جو رواج بھ ورجايو ويو ھو، جيڪو جيترو پھچي سگھيو ان ھن چونڊن ۾ پاڻ کي پڌري ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي نھ ڪئي پر آخر اھو ھڪڙو مرحلو مڪمل ٿي ويو، ھاڻي واري ٻئي مرحلي تي ڇڪتاڻ جاري آھي. اھو آھي ڪراچي جي قيادت جو حصول.

ڪراچي جي حڪومت بھ ڪنھن صوبائي حڪومت کان گھٽ نھ آھي ان ڪري ڪراچي جي ميئرشپ توڙي ڪراچي جي ناظمي تي تان ھٿ کڻڻ گھڻو ڏکيو آھي. حال ۾ ٽنھي وڌيڪ سيٽن حاصل ڪندڙ ڌرين ۾ ڳالھين ۽  ھڪٻئي سان تکي تيز ٿيڻ ۽ پڻ پنھنجي مينڊيٽ کي مڃرائڻ جو مرحلو جاري آھي.ٻئي عددي  اڪثريتي ڌريون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي شھر جي واڳ جي حاصلات لاءِ جوڙ توڙ جو سلسلو جاري رکنديون پيون اچن،ڪا بھ پارٽي پوئتي ٿيڻ لاءِ تيار نھ آھي.

صورتحال مان اندازو ٿئي ٿو تھ ڪڻي ۾ ڪاميابي حاصل ڪيل جماعت اسلامي جو ڪردار گھڻو  فيصلائتو بڻجي ويو آھي پر ھتي اھو بھ دلچسپ پاسو آھي تھ جيڪڏھن جماعت اسلامي تحريڪ انصاف کي گڏ کڻي ڪري ميئرشپ ماڻي تڏھن بھ ھن کي مضبوط اپوزيشن ملندي، جئين تھ صوبائي حڪومت پيپلزپارٽي وٽ آھي ان ڪري وري بھ ساڳيو پٽڻو جاري رھندو تھ ميئر کي جا ھٿ مڪمل آجا نھ آھن، ساڳي وقت پيپلزپارٽي جو چوڻ  آھي تھ جئين تھ اسان وٽ وڌيڪ عددي انگ آھي ان ڪري ان عھدي تي حق بھ اسان جو ٿئي ٿو.

سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلزپارٽي 93 يونين ڪميٽين تي ۽ جماعت اسلامي 86 يوسيز جي سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي جڏھن تھ  تحريڪ انصاف  پڻ 40 سيٽون پنھنجون ڪري وئي آھي.باقي سيٽن تي مسلم ليگ ن 7، جي يو آءِ 3، تحريڪ لبيڪ 2، آزاد 3 ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي 1 سيٽون حاصل ڪيون. 11 يونين ڪميٽين جون چونڊون انڪري ملتوي ٿيون جو انھن جا اميدوار فوت ٿي ويا ھئا.

ڪراچي ميٽروپوليٽن  ڪارپوريشن ۾ ڪيل 246 جنرل سيٽون آهن، باقي 33 سيڪڙو خاص سيٽون عورتن لاءِ، 5 سيڪڙو نوجوانن لاءِ، 5 سيڪڙو مزدورن لاءِ، هڪ سيڪڙو معذورن لاءِ ۽ هڪ سيڪڙو خواجھ سرا لاءِ مختص ڪيل آهن، جيڪي اڻسڌي طرح ڀربيون، پر انھن سان عددي انگ تي ڪو فرق نھ پوندو جو اھي طئي ئي ھر پارٽي جي حاصل ڪيل ووٽن جي تناسب سان ٿينديون.

ڪراچي شھر جو مزاج ھميشھ مذھبي رنگ وارو رھيو آھي،ورھاڱي بعد ويجھڙائي جي ماضي ۾ مارشل

لا لاءِ ۾ بھ ھتي جي مذھبي سياست کي ھٿي ڏني وئي، ان جو  توڙ وري ھڪ عجيب طرح جو ڳوليو ويو،جنھن سان ويتر صورتحال گھڻو منجھائيندڙ بڻي رھي.جيڪڏھن ليکو ڪبو تھ گھڻي ڀاڱي ڪراچي جو اقتدار ايم ڪيو ايم وٽ رھيو آھي، پر ڪجھھ سالن کان سياست جي موسمياتي آيل ڦيري سان ھتي پي ٽي آءِ اچي ڪري سمورن پارٽين جا ووٽ کسي ورتا. جنھن سان گھڻو نقصان ان پارٽي جو ئي ٿيڻو ھو جنھن جا ووٽ گھڻا ھئا.

ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو اعلان ڪيو هو ته ڪراچي جو ميئر سندس پارٽي جو ئي ٿيندو.پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير سعيد غني جي دعويٰ  موجب هو جي يو آءِ، مسلم ليگ ن سميت ننڍين پارٽين کي گڏ کڻندا،جيڪي ھنن جا اتحادي آھن، ٻئي پاسي پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ سان اتحاد کي رد ڪري ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي جي ممڪن اتحادين جو انگ 16 آهي،جنھن سان بھ مسئلو حل ٿيندو نظر نٿو اچي.

ٻئي طرف جماعت اسلامي پنھنجي ميڊيٽ چورائڻ جو الزام ھڻندي چئي رھي آھي تھ نتيجا ڦيرايا ويا آھن، جيڪو غير جمھوري عمل آھي.ڪراچي جي مڪاني چونڊن جي لاءِ جماعت اسلامي گھڻو زور ڏيندي رھي ھئي، جنھن لاءِ شھر ۾ ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ مھم بھ ھلائي ھئي. جماعت پر اميد ھئي تھ ڪراچي جو اقتدار ھن ڀيري اھي حاصل ڪندا، ھن دفعي بھ اھو پراڻو ئي معاملو ورجايو ويو آھي، جنھن ۾ مشرف جي دور ۾ جماعت کي ڪراچي جي واڳ ان صورت ۾ ملي سگھي ھئي جڏھن تڏھوڪي ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ ڪيو ھو.ڪيترائي مبصر اھو چون ٿا تھ ھن ڀيري بھ ايم ڪيو ايم ئي پيپلزپارٽي توڻي جماعت کي وڌيڪ سيٽون کڻڻ جو موقعو ڏنو آھي.

ڪراچي ۾ گذريل  عام چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندڙ تحريڪ انصاف بابت خيال ھو تھ اھا مڪاني چونڊن ۾ ڪجھھ ڪارڪردگيءَ ڏيکاريندي پر اھا ٽيئن نمبر تي رھي آهي.جيتوڻيڪ جنھن ڌر وٽ انگ وڌيڪ آھي ان جو حق ٿئي ٿو تھ اھا ميئر شپ حاصل ڪري پر ان لاءِ گھربل انگ بھ مڪمل ڪرڻو پوندو، ٻئي طرف وڏيون پارٽيون وڏي اپوزيشن بھ ٿي وينديون. اھو ايترو آسان نظر نٿو اچي، ھاڻي اصل گيم جماعت اسلامي جي ھٿ ۾ آھي، پيپلزپارٽي کي ھر صورت ۾ جماعت اسلامي کي مطمين ڪري ئي اڳيان وڌڻو پوندو ۽ وري جماعت اسلامي ايتري آساني سان مڃڻ واري موڊ ۾ نظر نھ پئي اچي،ڌرين ۾ ڳالھين سان ئي ڪو مثبت نتيجو نڪري سگھي ٿو.

جيڪو بھ شھر جي واڳ سنڀاليندو ان جو ھر شعبي ۾ چيڪ ۽ بيلنس وڌيڪ ھوندو ان ڪري اھو چئي سگجي ٿو تھ ھن ڀيري ڪراچي شھر جي ڪافي حد تائين بھتري ٿيندي. شھر جا مسئلا  عرصي کان حل نھ پيا ٿين،شھر کي ھن ڀيري جيڪو بھ سڌاريندو اھو مستقبل ۾ عوام جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ويندو. اھو ئي مستقبل ۾ شھر جي اڳواڻي جو حق بھ حاصل ڪندو سو ھن ڀيري ھر پارٽي جو ھڪ خاصو امتحان شروع ٿيڻ وارو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.