مني بجيٽ ۾ عوام جي فائدي جي ڪھڙي ڳالھھ آھي ؟

سموري ملڪ ۾ معاشي بحران سنگين ٿيڻ بعد حڪومت پاران مني بجيٽ جون تياريون شيروع ڪيون ويون آھن، جنھن جو سڌو مطلب اھو آھي تھ جوڙيل سالياني بجيٽ واري جي ڪٿ موجب مالي معالا ھلي نھ سگھيا آھن،جنھن ڪري اھڙي ضرورت پيش آئي آھي.

ھڪڙي پاسي تھ سموري دنيا ۾ معاشي بحران جاري آھي،جنھن جو ھڪ وڏو سبب ڪورونا جي وبا ۽ ان سان گڏ يوڪرين روس جي جنگ بھ آھي،پر پاڪستان سان جيڪو ڪجھھ ويجھي ماضي ۾ ٿيندو رھيو آھي، ان ڪري اھو ھر شيءِ مھانگي ٿي رھي آھي ٻيو تھ ملڪ جي معيشت اڳي ئي ڪو گھڻي سگھاري ناھي مٿان وري عالمي ادارن وٽان ورتل قرض سان پڻ جن ادارن ۽ ملڪن کان قرض ورتو وڃي ٿو انھن جي شرطن شروطن کي قبول ڪرڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻو پوي ٿو، جنھن ڪري ملڪ ۾ غربت جئين پوءِ تيئن وڌي رھي آھي،ان جي نتيجي ۾ عام ۽ غريب ماڻھون جي مٿان وڌيڪ بار پئجي رھيو آھي.

ويجھڙائي ۾ ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي ملھھ ڪرڻ سان مھانگائي جو اھڙو طوفان آيو آھي، جو عام ماڻھون جيڪو اڳي ئي معاشي طور تي دٻاءُ جو شڪار ھو ان جو جيئڻ جنجال ٿي پيو آھي.ھن وقت سموري ملڪ م اٽي جي بحران ماڻھن جون متيون مجھائي ڇڏيون آھن،جنھن سان غريب ماڻھون ٻن ويلن لاءِ پڻ پرشاني جو شڪار ٿي ويو آھي.

ڪڻڪ جي اٽي ۽ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ صارفين جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ مهانگائي جي تازي لهر دوران مختلف قسمن جي اٽي جو اگهه 140 کان 160 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو جڏهن ته زنده ڪڪڙ جو اگهه 420 رپيا في ڪلو ٿي ويو. قيمتن ۾ واڌ جو هڪ سبب اهو آهي ته وڪڻندڙن لاءِ هڪ منظم، موثر حڪومتي سطح تي ريٽ چيڪنگ سسٽم جو کوٽ آهي.جنھن ڪري واپاري پنهنجي مرضيءَ سان قيمتون وڌائي رهيا آهن.

وفاقي حڪومت معيشت بحالي جي ھڪ رٿا  تيار ڪري ورتي ۽ ان سلسلي ۾ جلد ئي قومي اسيمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪرائي ويندي. وفاقي حڪومت طرفان معيشت جي بحالي جي ڏهه سالن جي رٿا موجب ٽارگيٽڊ سبسڊي رڳو گهٽ آمدني واري طبقي کي ملندي، پيٽروليم شين ۽ گئس تي، پيٽروليم ليوي 70 کان 100 رُپيا في ليٽر ڪرڻ، دڪاندارن ۽ واپارين تي واڌو ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز تي غور جاري آهي.ان سان گڏ صوبن کي منتقل ٿيندڙ فنڊز  گئس ۽ بجلي واري شعبي ۾ لائين لاسز سان سلهاڙيا ويندا.

گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪيمٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪيل ڄاڻايل منصوبي موجب پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي راشننگ ذريعي جاري کاتن جو خسارو پورو ڪيو ويندو.  رُپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قدر جو تعين مارڪيٽ جي بنياد تي ڪرڻ، رياستي ملڪيتي ادارن جي خانگائڻ، مقامي ۽ غيرمقامي قرض جي ري اسٽرڪچرنگ جي تجويز به ان رٿا ۾ شامل آهي. رٿا تي عملدرآمد لاءِ قومي اسيمبلي مان مني بجيٽ منظور ڪرائي ويندي، مني بجيٽ منظور ٿيندي ئي آءِ ايم ايف پروگرام بحالي ۾ ايندڙ سمورين رنڊڪون ختم ٿي وينديون.

ملڪي معيشت جي بهتري جي اھا رٿا دوست ملڪن سان شيئر ڪري اسٽرڪچرڊ سپورٽ طلب ڪرڻ جي تجويز تي پڻ عمل ڪيو ويندو، جن دوست ملڪن کي ان ۾ شامل ڪيو ويو آھي انھن ۾ ۾ چين، گڏيل عرب رياستون، سعودي عرب، قطر، يورپي يونين ۽ آمريڪا شامل آهن.

ٻئي  پاسي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تحريڪ انصاف جي وائيٽ پيپر کي گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آھي. پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير جو  چوڻ ھو  ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ ملڪي معيشت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي هئي، ن ليگ جي دور ۾ معاشي اوسر جي شرح 6.1 سيڪڙو هئي. هن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا ڏنل معاشي انگ اکر درست ناهن، پي ٽي آءِ درآمد ۽ برآمد جي حوالي سان به گمراهه ڪري رهي آهي، ڏيوالي جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پاڪستان جو ڏيوالو نه ٿيندو. اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ 2019 ۾ معاشي اوسر جي شرح گهٽ ڪري 3.13 تي آڻي ڇڏي، وياج جي شرح 15 سيڪڙو تي کڻي وئي، انهن جي دور ۾ دوائن جي اگهن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ٿي، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ٿي. سندس چوڻ موجب هلندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر اوڳاڙين جو هدف 7470 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي، موجوده حڪومت مختصر وقت ۾ 3000 ارب کان وڌيڪ اوڳاڙيون ڪيون آھن. ناڻي واري وزير جي اھا دعويٰ تھ سندن حڪومت مختصر طور ۾ ايف بي آر جي مقرر ڪيل ھدف واري اوڳاڙي جو لڳ ڀڳ اڌ حاصل ڪري ورتو آھي،ھن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ ملڪ جو ڏيوالو نھ پيو نڪري. سندس اھو بھ چوڻ آھي تھ صورتحال بھتر ٿي ويندي.

سياسي بنياد تي اھڙو موقف تھ ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان بھتر ھوندو آھي پر عملي ميدان تي اھو گھڻو ڏکيو نظر اچي رھيو آھي،بدقسمتي سان پاڪستان ھڪ عرصي کان عالمي ادارن کان قرض حاصل ڪري ۽ ان تي پنھنجي معشيت کي ھلائي رھيو آھي،مسلم ليگ ن جي شروع کان ئي اھا پاليسي آھي تھ اھا بحران جي وقت قومي ادارن کي تين وال ڪندي آھي،جنھن جو مقصد وقت طور تي قومي خزاني کي ھٿي ڏيڻ تھ ٿي سگھي ٿو پر ان سان ملڪي معيشت ڪنھن بھ صورت بھتر نٿي ٿي سگھي.

تجويز ڪيل مني بجيٽ مان ظاھر تھ اھو ئي ٿي رھيو آھي تھ ان ۾ لاڳو ٿيندڙ ٽيڪس جو اضافي بار پيٽرول ۽ تيل واري مد ۾ عام ماڻھون جي مٿان ئي پوندو. اھا مني بجيٽ واري تجويز ڪيل رٿا ۾ عام ماڻھون جي بھتر يا ان جي مٿي وڌندڙ مالي بار گھٽائڻ جي ڪابھ تجويز نظر نھ پئي اچي.عوام ھڪ ڀيرو ٻيھر ھن حڪومت جي عمل ۽ ڪم مان بھ بيزار ٿي ويو آھي،جنھن سکڻا آسرا تھ ڏنا پر عوامي جي ڀلائي ڏانھن گھربل ڌيان نھ ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.