چونڊن ۾ شڪست نه قبولڻ وارو سياسي جماعتن جو ڳڻتي جوڳو رويو

زرار پيرزادو

¨ جڏهن رياست ڪمزور ٿيندي آهي يا غير جمهوري هوندي آهي ته ان جا قدر به ڪمزور کان ڪمزور ۽ غير جمهوري ٿيندا ويندا آهن.

¨ پنهنجي مُلڪي پارلياماني ۽ اقتداري سياست به مڪمل طور تي غير سياسي، غير پارلياماني ۽ غير جمهوري ٿي وئي آهي. ان جو سڀ کان وڏو مثال اهو آهي ته هاڻي ڪا به ملڪ جي پارلياماني جماعت چونڊن ۾ هارائڻ جي نتيجن کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي.

¨ ماضيءَ ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جون جماعتون چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام لڳائڻ باوجود پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جي بينچن تي ضرور ويهنديون هيون پر عمران خان موجوده سياست ۾ اها انتهائي غير جمهوري روايت وڌي آهي ته چونڊن ۾ شڪست کي ناهي مڃڻو ۽ روڊن تي ڌرڻن ڏيڻ جو رواج وڌائين.

¨ عمران خان ملڪ جو اهو سياستدان ٿي اڀريو آهي جيڪو حڪومت آهي ته اپوزيشن جي وجود کي تسليم نٿو ڪري ۽ جيڪڏهن اپوزيشن ۾ آهي ته حڪومت کي نٿو مڃي.

¨ عمران خان جي ان رستي تي هلندي هاڻي جماعت اسلامي به ڪراچي جي مڪاني چونڊن جي نتيجن ۾ ڌانڌلي جو الزام لڳائي روڊن تي احتجاج ڪرڻ لڳي آهي.

¨ عمران خان کي وزيراعظم جي حيثيت ۾ بي اعتمادي ذريعي جمهوري انداز سان وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو ته هن اپوزيشن ۾ ويهڻ بدران قومي اسيمبلي مان پارٽي جي سڀني ميمبرن کان استعيفائون ڏياري وري روڊن تي اچي بيٺو آهي.

¨ هاڻي سندس زور جلد چونڊون ڪرائڻ تي آهي ان ڪري هن اسيمبلين اندر بحران پيدا ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪندي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه واريون پنهنجيون صوبائي حڪومتون به ختم ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن وفاقي حڪومت جلد کان جلد عام چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿئي!

¨ جڏهن ته پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت جو خيال آهي ته پارليامينٽ پنهنجو مدو رهيل ڪجهه مهينن وارو پورو ڪري. سو پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) هميشه پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جي سياست ڪئي آهي ۽ هڪ اهڙو به وقت آيو جو محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف پاڻ ۾ يادگار ميثاق جمهوريت ڪيو جنهن جو مقصد هڪٻئي جي حڪومتن کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو ۽ ٻئي جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهندي هڪٻئي جي حڪومتن کي ڪمزور نه ڪنديون.

¨ سو هڪ پاسي پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جيڪي هڪٻئي جون سخت حريف رهيون آهن سي پاڻ ۾ متحد ٿي اڄ گڏيل حڪومت ڪري رهيون آهن ته ٻئي پاسي عمران خان صدارتي آمريتي نظام جي راهه هموار ڪرڻ جي رستي تي هلي رهيو آهي.

¨ اڳي وري اسٽيبلشمينٽ پنهنجن مفادن تحت پارليامينٽ کي مضبوط ٿيڻ نه ڏيندي هئي ۽ مدو پورو ٿيڻ کان اڳ صدر مملڪت جي هٿان پارليامينٽ کي ٽوڙيو ويندو هو ۽ هاڻي اهو ڪم خود سياسي ۽ پارلياماني جماعتون خاص ڪري عمران خان ڪري رهيو آهي.

¨ عمران خان صرف ۽ صرف وزارت عظمي جي عهدي لاءِ سياست ڪندي نه رڳو وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيو آهي پر ماضي جي آمرن وارو ڪم ڪندي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون پنهنجيون ئي صوبائي حڪومتون وقت کان اڳ ختم ڪري ڇڏيون اٿائين.

¨ جيڪڏهن سڀ سياسي جماعتون هارائڻ وارا نتيجا قبول نه ڪنديون، اپوزيشن ۾ نه ويهنديون ته پوءِ پارلياماي نظام ڪيئن هلندو، يا ته سڀ سياسي جماعتون گڏجي چونڊن جا اهڙا سڌارا آڻين جيئن ان جا نتيجا قبولڻ جوڳا ٿين .

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته ٻي صورت ۾ اهو تاثر نڪرندو ته ملڪ اندر چونڊن جو نظام نٿو هلي سگهي ۽ پوءِ آمريتي نظام جو رستو هموار ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.