گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ” ڪراچي ؛ انگريز دور جون مشهور عمارتون “ جو اڀياس

امين جويو

سائين گُل حسن ڪلمتي جو هي ڪتاب ، ڪراچي ۾ موجود انگريزن جي دور جي مشهور ۽ تواريخي عمارتن جي ڄاڻ تي ٻڌل آهي . هي ڪتاب سال 2020ع ۾ ، نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪِتابَ جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛    ”انهن مزدورن جي نالي ، جيڪي پاڻ ته جُهڳين مَنجهه رهيا پر پَگهر وَهائي هي لازوال ۽ خوبصورت اڏاوتون جوڙيون! انهن جا نالا تاريخ جي پني تان بِنهه غائب آهن. مون کي انهن مزدورن جا نالا ڪٿي به ، ڪنهن به اڏاوت جي ڀِت يا بورڊ تي اُڪريل نظر نه آيا!“

هن ڪِتاب ۾ ڪراچي اندر انگريز دور جي مشهور بازارن ، هالَن، لائبريرين، گهڙيالي ٽاورن، ڪلبَن، جيم خانن، مندرن، مسجدن، گرجا گهرن، اسڪولن، هوٽلن، ڪوٽن، قلعن، چمنين ۽ ڪجهه ٻين مشهور تواريخي عمارتن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي . ان سان گڏ ليکڪ انهن عمارتن ۽ ادارن جي تواريخ پڻ بيان ڪئي آهي ۽ انهن جي اڏائيندڙ شخصيتن جا نالا پڻ ٻڌايا ويا آهن.  سائين گُل حسن ڪَلمتي کان اڳ ۾ اهڙي قسم جو ڪم ياسمين لاري ، پيرزاده سلمان ۽ عارف حسن به ڪيو آهي پر هن ڪتاب ۾ سڀني کان وڌيڪ عمارتن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي . ان کان سواءِ سائين گُل حسن جي لکڻ جو انداز به ٻين کان مختلف ۽ منفرد آهي . سندس مقصد رڳو انهن عمارتن جي تواريخ بيان ڪرڻ ۽ انهن بابت ڄاڻ ونڊڻ آهي . هن ڪتاب بابت سائين جن جو چوڻ آهي ته ؛ ” ڪتاب کي ڪنهن انجنيئر ، آرڪيٽيڪٽ يا اڏاوت جي ماهر جي نظر سان پڙهڻ بجاءِ ، تاريخ جي شاگرد پاران لکيل هڪ دستاويز جي نظر سان پڙهڻ گهرجي“

هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل مشهور بازارن ۾؛ ” صدر بازار ، ڪنگهام مارڪيٽ ، مڇي مياڻي مارڪيٽ ، بولٽن مارڪيٽ ، لمبرٽ مارڪيٽ ، ايمپريس مارڪيٽ ، لِي مارڪيٽ ، سولجر بازار، جيڪسن مارڪيٽ ، فريئر مارڪيٽ ، حسن علي هوتي مارڪيٽ ، جهونا / جونا مارڪيٽ، جوڙيا بازار ، کجور بازار ، سونارو مارڪيٽ ، ڪاغذي بازار ، ڌوٻي گهاٽ بازار ، واڌو مل مارڪيٽ ، بمبئي بازار، موتي والا گورڌن داس ڪلاٿ مارڪيٽ ، ڪوچين والا ڪلاٿ مارڪيٽ ، ٺاڪر لال جي لکميداس بلڊنگ ۽ ڪلاٿ مارڪيٽ ، عرفان ڪلاٿ مارڪيٽ ، سراج ڪلاٿ مارڪيٽ ، هري رام جئرام داس مارڪيٽ ، اقبال ڪلاٿ مارڪيٽ ، مالو والا مارڪيٽ ، ٽاور مارڪيٽ ، شڪارپوري ڪلاٿ مارڪيٽ ، موٽن داس ڪلاٿ مارڪيٽ ، ايلفنسٽن اسٽريٽ ۽ بوهري بازار شامل آهن.

ان کانسواءِ ڪِتابَ ۾ هنن لائبريرين ۽ هالن جو ذڪر ٿيل آهي؛ ” فريئر هال ( ڪراچي ٽائون هال ) ، ميڪس ڊينسو هال ، بروڪس هال ، غلام حسين خالق ڏنا هال ۽ لائبريري ، فري ميسن هال ، ٿياسافيڪل هال ، هرمسجي ڪٽرڪ هال ، وشن سَڀا هال / راڳ محل ، آرٽلري والنٽيرس هال ، جهانگير ڪوٺاري هال ، ڪليڪٽر ڪچهري هال ، مهاراشٽر مترا منڊل ، شيگل ٻائي هال ۽ ناٿن ابراهم هال ، ڏيارام کلناڻي ۽ فتح چند کلناڻي هال ، ڪراچي هال ، صدر بازار ريڊنگ روم ائنڊ لائبريري ، رام داس مزارجي گجراتي فري ريڊنگ روم ائنڊ لائبريري ، خواجا اسماعيلي لائبريري ، خالصه فري ريڊنگ روم ائنڊ لائبريري.“

ان کان سواءِ هن ڪتابَ  ۾ ، ڪراچي ۾ موجود انگريزن جي دور ۾ جوڙايل هنن مشهور گهڙيالي ٽاورن جو ذڪر ٿيل آهي؛ ” ميري ويڌر ٽاور ، پونا ٻائي ٽاور ، ڪياماڙي ڪلاڪ ٽاور ، ڪياماڙي ڀرت نمبر اٺَ بال ڪلاڪ ٽاور ، ايڊلجي ڊنشا ڊسپينسري ڪلاڪ ٽاور ، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن آفيس بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، ايمپريس مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور ، هولي ٽرنٽي چرچ ڪلاڪ ٽاور ، لِي مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور ، سنڌ مدرسته الاسلام بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، لڪشمي بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، ڪراچي ڪلب ٽاور ، اينگلو ورنيڪيولر اسڪول بلڊنگ ٽاور ، بولٽن مارڪيٽ ٽاور ، ڊينسو هال ٽاور ، شيوا ڪنچ هاسٽل ٽاور ، برما هوٽل ٽاور ۽ سنڌ ٽيليگراف ٽاور.“

هن ڪتابَ ۾ ليکڪَ ڪراچيءَ جي هنن مشهور ڪلبن ۽ جيم خانن جي ڳالهه به ڪئي آهي ؛ ” سنڌ ڪلب ، ڪراچي جيم خانو ، پارسي جيمخانو ۽ ينگ مين زورستين ايسوسيئيشن ڪلب ، گوئن ڪلب ، گوئن ايسوسيئيشن هال ۽ جيم خانو ، گوئن جيمخانو ، يونين هال ۽ ميدان ، ڪراچي ڪلب ، عبدالله هارون مسلم جيمخانو ، هندوجيمخانو ، آغا خان جيمخانو ، بوهرا جيمخانو ، سنڌي جيمخانو ، اسلام ڪلب ، گبري جيمخانو ، نارٿ ويسٽرن ريلوي ڪلب ، ينگ مسلم ايسوسيئيشن ڪلب ، هندو ليڊيز ڪلب ، روٽري ڪلب ڪراچي ، ڪنٽري ڪلب ، دنگي ڪلب ( نائوڊڙ ڪلب / ياٽ ڪلب )، ڪراچي بوٽ ڪلب ، ينگ مين ڪرسچن ڪلب ، ڪراچي گولف ڪلب ، ڪراچي ريس ڪورس ڪلب ، ڪراچي ائرو ڪلب ،  ساهتي ڪلب ، سيوهاڻي ڪلب ، پنجا ڀائي / پنجابي ڪلب ، يونين جيڪ ڪلب ، پائليٽ ڪلب ، ينگ هندو اسپورٽس ڪلب ، مرهٽا يونين ، خواجا اسماعيلي ڪلب ، منوڙا ڪلب ، ڊلانا ڪلب ڪراچي ، دکني ميوزڪ ڪلب ۽ پريس ڪلب ڪراچي.“ . جڏهن ته ڪراچي جي مشهور ڪوٽن ، قلعن ۽ چمينن ۾ ليکڪ ؛ ڪراچي ڪوٽ ، منهوڙي واري قلعي ، ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ منفرد پٿر وارين چِمنين ، سيويج چِمني ، ڪي ايم سي ورڪشاپ چِمني ، اين. اِي . ڊي يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس چِمني ، خورشيد هومي سالٽ ورڪس عمارت واري چِمني ، ڪياماڙي ۾ اسٽيم ڪرينن کي هلائڻ لاءِ ٺاهيل پاور هائوس ، گهڙيالي ٽاور ۽ چِمني ، ڪياماڙي گهاس بندر جي برٿ تي ٺهيل پاور هائوس ۽ چِمني ، ڊملوٽي واٽر ڪورس تي کوهه نمبر ڇهه ۽ ست تي موجود چِمنين ۽ انگريز دور ۾ ٺهيل ڪجهه مِلن ( فيڪٽرين ) ۾ موجود قديم چِمنين جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.

ڪِتاب ۾ ڪُل ٻهَ سئو ايڪاسي تواريخي عمارتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي انگريزن جي دور ۾ جوڙايون ويون هيون. انهن مان ڪجهه عمارتن جون خوبصورت ۽ رنگين تصويرون پڻ  هن ڪتابَ ۾ ڏنل آهن. ٻه سئو اُڻٽيهن صفحن تي ٻڌل هي ڪِتاب ڪراچي ۾ موجود انگريز دور جي قديم ۽ خوبصورت عمارتن بابت هڪ مُستند دستاويز آهي. هن ڪِتاب ۾ سائين گل حسن ڪلمتي نه رڳو انگريز دور جي عمارتن جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏ انهن جو اکين ڏٺو احوال به ڏنو آهي ، جيڪو ڏاڍو دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو آهي.

هي ڪتاب انهن ماڻهن لاءِ تمام گهڻو خاص آهي ، جن جي دلچسپي ڪراچي ۾ موجود آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر سان آهي. ان کان سَواءِ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي شاگردن لاءِ ته هي ڪتاب ڄاڻ جي کاڻ ۽ هڪ بي بها تحفو آهي. جيڪي ماڻهو هڪ ئي هنڌ ڪراچي ۾ موجود انگريز دور جي قديم ۽ تواريخي عمارتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين اهي هي ڪتاب ضرور پڙهن. هي ڪتاب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مشهور ڪِتاب گهرن تي وِڪري لاءِ موجود آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.