دادو ڀرسان ڦورن هٿان نوجوان قتل

دادو(عوامي آواز نيوز)دادو ڀرسان  ڪچي جي علائقي ۾  ڪيٽي  جتوئي پوليس اسٽيشن ۽ سيد پور پوليس اسٽيش جي حدن۾ اڻڄاتل ڦورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل  28 سالن جو گل محمد ميتلو ڪچي جي علائقي ۾ عثمان جتوئي جي لانڍي تي ترسيل هيو اتي کيس يرغمال بڻائي ھن مٿان تشدد  ڪري بعد کيس گوليون ھڻي مارڻ جا چوٻول ھلندڙآھن مارجي ويل نوجوان جي چاچي غلام قادر ميتلو ۽ علائقي جي چونڊيل نمائندي اختر حسين ڳھيڙ نوجوان جو لاش کڻائي  سول اسپتال دادو آندو بعد نوجوان جو لاش پنھنجي ڳوٺ گولو فقير نيو ويو ،اطلاع باوجود  پوليس اسپتال تائين نه پهتي.

اسلام آباد ،ڪي پي  ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5.6 رڪارڊ

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، ڪي پي سميت سڄي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جي پئماش واري قومي مرڪز موجب خميس ڏينهن اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ماڻهو ڪلمه طليبه جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا، فوري طور تي ڪنهن جاني ۽ مالي نقصان جو ڪو به اطلاع ناهي مليو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.