پ پ اسان جي شرافت کي ڪمزوري نه سمجهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمرانن ملڪي معيشت کي تباھ ڪيو آھي عوام کي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جا تحفا ڏنا ۽ پنهنجون ملڪيتون ٺاهيون ڦرلٽ ڪئي، هن چيو ته  عوام 20 ڪلو اٽي جي قطار ۾ اچي بيٺو قوم کي ان جو حساب وٺڻو پوندو.هڪ قرضدار قوم جي وزيراعظم جديد گاڏين جي امپورٽ جي منظوري ڪيئن ڏني؟ عدالتون ۽ احتسابي ادارا حڪمران اشرافيه جو احتساب نه ڪري سگهيا، هاڻي قوم ووٽ جي طاقت سان لٽيرن جو احتساب ڪندي.هن چيو ته  سازش ذريعي پيپلز پارٽي کي ڪراچي ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.مان اهو واضح ڪريان ته اسان جو هڪ حلقو ته ڇا پر ڪير هڪ ووٽ به هضم نٿو ڪري سگهي. اسان جي شرافت کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.