جي ڊي اي سنڌ ۾ ٻيهر مڪاني چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) جي ڊي اي سنڌ ۾ نيون مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ،سنڌ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي ملي ڀڳت سان ٻنھي مرحلن 26 جون 2022 ء 15 جنوري 2023ٿي ٿيل جھرلو چونڊن کي رد ڪيون ٿا،جي ڊي اي سمورين جھموريت پسند ۽ سنڌ دوست جماعتن کي گڏ ڪري سنڌ حڪومت جي فسطاعيت خلاف مزاحمت ڪندي،عدالت وسيلي اليڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيارينداسين ،ڪو ائين نه سمجھي ته مزاحمت جي نالي تي ٻٽو معيار آڻي سنڌ کي ورھائي سگھجي ٿو،ڇاڪاڻ ته ڌانڌلي سنڌ جي سمورين پولنگ اسٽيشنز ۾ ٿي آھي،مزاحمت به پوري سنڌ م ڪئي ويندي ،اھڙو فيصلو فنڪشنل ليگ ھاؤس ۾ جي ڊي اي جي ٿيندڙ ھنگامي اجلاس م ڪيو ويو،جنهن ۾  ڊاڪٽر صفدر عباسي ،سيد زين شاهه،سردار عبدالرحيم ،ايم پي اي حسنين مرزا،نند ڪمار گوڪلاڻي،سردار کوسو ،سيد شفقت شاھ،جگديش آھوجا،بئريسٽر ارشد شر،فيصل بلوچ ء ٻين شرڪت ڪئي ،اجلاس م چيو ويو ته ڌانڌلي جون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود به اليڪشن ڪميشن ڪو به نوٽيس نه ورتو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.