يوريا ۽ ڊي اي پي جي وڪري ۽ پيداوار ۾ سالياني بنيادن تي گهٽتائي

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. انڊسٽري جي انگن اکرن موجب جولاءِ کان ڊسمبر تائين جي مدي ۾ ملڪ ۾ 3369 هزار ٽن يوريا جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽ آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ملڪ ۾ 623 هزار ٽن ڊي اي پي جي پيداوار ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 51 سيڪڙو گهٽ آهي،

بجلي  اگهن ۾ 2.19 روپيا في يونٽ رليف ملڻ جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ جي سمورن بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي صارفين کي ماهوار فيول ڪاسٽ ايڊجسٽمينٽ (ايف سي اي) طريقيڪار تحت ڊسمبر 2022ع لاءِ بجلي جي اگهن ۾ 2.19 روپيا في يونٽ گهٽتائي جو رليف ملڻ جو امڪان آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي گارنٽي لميٽيڊ (سي پي پي اي جي) ڊسڪوز طرفان نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سان ڄاڻايل مدي لاءِ 2.19 روپيا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.