جمهوري رويي جو اعليٰ مثال،نيويلينڊ جي وزيراعظم پاران استعيفيٰ جو اعلان

ويلنگٽن(م ڊ)نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ايندڙ  مهيني پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب هن چيو ته فيبروري ۾ وزيراعظم ۽ ليبر پارٽي جي اڳواڻ عهدي تان استعفيٰ ڏيندي ڇاڪاڻ ته هن سال هوءَ چونڊن ۾ حصو نه وٺندي، هن ٻارن جي غربت جي خاتمي،فلاحي مدد ۽ عوامي هائوسنگ سميت اسٽاڪ ۾ اضافي بابت پنهنجي ڪاميابين جو حوالو ڏيندي هن چيو ته  وزيراعظم بڻجڻ منهنجي زندگي جو هو وڏو اعزاز رهيو ۽ سندس پارٽي ايندڙ چونڊن لاءِ تيار آهي،واضع رهي ته نيوزيلينڊ جون عام چونڊون14 آڪٽوبر 2023  تي ٿينديون، جيسنڊا آرڊرن جو چوڻ آهي ته هن گرمي جي موڪلن دوران پنهنجي مستقبل تي غور ڪرڻ جو وقت ڪڍيو، مون کي اميد هئي ته مان شئي جي ڳولا ڪي سگهان جيڪا مون کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي تحريڪ ڏئي سگهي پر بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو، ان صورتحال ۾ پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو فيصلو نيوزيلينڊ جي خدمت نه هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.