معاشي تباهي جو ذميوار ڊار آهي، چونڊن جو اعلان نه ٿيڻ باوجود احتجاج جو آپشن ناهي: عمران خان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي نااهل ڪيو ويو پوءِ به ماڻهو پي ٽي آءِ جي نظريي کي ووٽ ڏيندا.لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب جي گورنر ايڊوائس ۾ چونڊن جي تاريخ نه لکي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، سندس ان قدم کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ته سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، مون وٽ اڃا گهڻا ڪارڊ باقي آهن، کيڏندس ته پي ڊي ايم وارن جا لونءَ ڪانڊارجي ويندا، پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ پي ڊي ايم لاءِ هڪ اهڙو شاٽ آهي، جنهن جي گونج صدين تائين ٻڌي ويندي.سندس چوڻ هو اسحاق ڊار بابت رڳو ايترو چوندس ته هو سڄي تباهي جو ذميوار آهي، ن ليگ جي اندر ڏڦيڙ جي حوالي سان سنجيده آواز ٻڌي رهيا آهيون، ن ليگ جي موروثي سياست خلاف پهريون آواز چوڌري نثار اٿاريو، نواز شريف قطعي سياستدان ناهي، هن چيو ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان نه ٿيو ته به روڊن تي احتجاج جو آپشن غور هيٺ ناهي، اڃا ڪيترائي ڪارڊ آهن ، کيڏياسين ته پي ڊي ايم وارا ڏڪي ويندا، هن چيو ته گورنر پنجاب ايڊوائس ۾ چونڊن جي تاريخ نه لکي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.