اسلام آباد (ظفر نقوي ) عمران خان پنهنجا سمورا پتا کيڏي ڇڏيا هاڻي اتحادي حڪومت پنهنجا ڪارڊ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيئن ئي پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ ۾ واپسيءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ عمران خان دعويٰ ڪئي ته هاڻي وزيراعظم شهباز شريف کي ننڊ جون ٽڪيون کائڻيون پونديون ايڏو کيس پريشان ڪندس. موٽ ۾ اتحادي حڪومت پي ٽي آءِ جي 34 ايم اين ايز سميت شيخ رشيد جي استعيفا به منظور ڪري الٽو عمران خان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي ۽ عمران خان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي اڳتي ڇا ڪري. نامياري صحافي جو چوڻ آهي ته حڪومتي ذريعن کان اها به ڄاڻ ملي آهي ته ايندڙ هفتي يا 10 ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ايم اين ايز جون استعيفائون به منظور ڪيون وينديون. مطلب ته پي ٽي آءِ مان زهر ڪڍڻ جو حڪومت فيصلو ڪري ورتو آهي.