ڪراچي (جميل چانڊيو) سنڌ جي ناليواري اديب، تاريخدان ۽ محقق گل حسن ڪلمتي جي طبيعت ۾ سڌارو اچي ويو.گل حسن ڪلمتي کي گذريل ڏينهن ميمڻ هاسپيٽل کان گهر منتقل ڪيو ويو آهي.گل حسن ڪلمتي جي هاڻي سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي ويو آهي، ڊاڪٽرن کيس آرام جو مشورو ڏنو آهي.گل حسن ڪلمتي گذريل ٻن هفتن کان ميمڻ هاسپيٽل ۾ داخل هو، جتي سندس علاج جاري رکيو ويو.گل حسن ڪلمتي جي ويجهن دوستن موجب هن کي ٽي مهينا اڳ ڪن ۾ سور پيو، جنهن جو هن آپريشن ڪرايو بعد ۾ ٻيهر ڪن جي سور دماغ تي اثر ڪيو، جنهن کان پوءِ هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، هاڻي سندس طبيعت ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي.