گم ڪيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي پوليس آفيسر طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ناريءَ کي 11سال گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائڻ تي پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هاڻي گم ڪيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرايو ويو ته جاچ آفيسرن ۽ آءِ جي سنڌ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو.عدالت چيو ته اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيون.عدالت وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس هر مهيني ڇو نه ٿو گهرايو وڃي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 فئبروري تائين ملتوي ڪندي ڊي آءِ جي ۽ جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتو .درخواست گذار مريم جو پيءَ عدالت کي ٻڌايو ته پنهنجي ڌيءُ جي ڳولا ۾ هن کي 11سال ٿي ويا آهن، هن چيو ته پنهنجي ڌيءُ جي ڳولا ۾ هو 28 لک رپين جو قرضي ٿي ويو آهي.آخرڪار اسان کي انصاف ڪهڙو ٿيندو، غريب ڪنهن کان انصاف گهرن، ڌيءُ جي گم ٿيڻ بعد ڀنگ لاءِ فون اچڻ بابت پوليس جاچ نه ڪئي آهي، ملڪ جي پوليس ٺيڪ ٿي وڃي ته اسان عدالت ڇو اچون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.