جماعت اسلامي سياست ڪري پر گڙٻڙ نه ڪري: پ پ سنڌ

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري سينيٽر عاجز ڌامراه، فداح حسين ڍڪڻ ۽ نعمان شيخ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ڪاميابي سان کٽي ورتو آهي. اسان ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي عوام جا شڪر گذار آهيون ته انهن اسان تي اعتماد ڪيو، ڪراچي ۾ عجيب تماشو لڳائي رکيو آهي ماڻهو اسان کان پڇن ٿا ته پيپلز پارٽي ايتري ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي شايد اهو سوال ان جا پنهنجا ناهن پيپلز پارٽي ٻي وڏي جماعت جو وجود عام چونڊن ۾ حاصل ڪيو آهي هن چيو ته جماعت اسلامي سياست ڪري پر گڙبڙ نه ڪري. پيپلز پارٽي کي ڀت سان لڳائڻ پراڻي عادت آهي اسان کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ جيالا ميئر کي آڻڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ چاهن ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.