نيب ترميم جو فائدو، آصف زرداري خلاف ٺٽو واٽرسپلاءِ ريفرنس واپس

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ٺٽو واٽرسپلاءِ ريفرنس جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي، آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته نيب جو ريفرنس رڳو هڪ انتقامي ڪارروائي هئي.  ريفرنس ۾ اعجاز احمد خان، علي اڪبر ابڙو، اختر دراني، اعجاز ميمڻ به جوابدار نامزد هئا، عدالت ڪارروائي ختم ڪندي ريفرنس واپس نيب ڏانهن اماڻي ڇڏيو.  آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته آصف زرداري تي ريفرنس ۾ 30 ملين رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي، نيب الزام ثابت نه ڪري سگهي آهي. فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته نيب قانون ۾ ترميم بعد هي ريفرنس عدالت جي دائري اختيار ۾ نه ٿو اچي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.