ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊ بابت چئن ضلعن جا نتيجا جاري ٿي ويا آهن، ڪراچي اوڀر، سينٽرل ۽ ڪورنگي جا نتيجا جاري نه ٿي سگهيا آهن. چئن ضلعن ۾ پ پ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون 76 سيٽون حاصل ڪري ورتيون. جماعت اسلامي 8 ۽ پي ٽي آءِ 23 سيٽون حاصل ڪيون. ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ پ پ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون 15 سيٽون حاصل ڪيون آهم. پي ٽي آءِ 9 ۽ تحريڪ لبيڪ هڪ سيٽ حاصل ڪيون. ڏکڻ ۾ پ پ جا 46، پي ٽي آءِ جا 41، جماعت اسلامي جا 12، تحريڪ لبيڪ جا 4 ۽ هڪ آزاد جنرل ميمبر جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو. ڪياماڙي ضلعي جي ٽن ٽائونن ۾ 32 مان 31 تي چونڊ ٿي، پ پ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جون 25 سيٽون کٽيون، مسلم ليگ ن 3، پي ٽي آءِ 2 ۽ جي يو آءِ هڪ سيٽ کٽي. ڪياماڙي جي 123 وارڊن مان پ پ 72، پي ٽي آءِ 21، جماعت اسلامي 12، مسلم ليگ م جا 5 جنرل ميمبر ڪامياب ٿيا. تحريڪ لبيڪ 4، فنڪشنل ليگ ۽ آزاد جا 3، 3 ميمبر ڪامياب ٿيا. ضلعي اولهه ۾ 30 يونين ڪميٽين تي چونڊ ٿي. پ پ 16 تي ڪامياب ٿي، پي ٽي آءِ 8 ۽ جماعت اسلامي 5 ۽ جي يو آءِ هڪ يوسي تي ڪامياب ٿي. 132 وارڊن مان پ پ جا 35، پي ٽي آءِ 50، جماعت اسلامي 35، ٽي ايل پي 5 ۽ جي يو آءِ 4 ۽ 3 آزاد ميمبر ڪامياب ٿيا. اليڪشن ڪميشن موجب ملير ضلعي جي ٽنهي ٽائونز ۾ پيپلز پارٽي کي اڪثريت حاصل آهي. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملير ضلعي جي ٽن ٽائونز ملير، گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ۾ ٽيهه يونين ڪميٽين ۾ چونڊون ٿيون. پ پ ٽيهن مان ويهه يونين ڪميٽيز ۾ چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي پئنل تي ڪاميابي حاصل ڪئي .پاڪستان تحريڪ انصاف چار سيٽون حاصل ڪري ٻئي نمبر تي آهي، جماعت اسلامي ٽي، مسلم ليگ ن ٻه ۽ هڪ تي آزاد اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي. 03