عمران تي تنقيد ڪندڙ قاسم علي شاهه جي پٽ تي ڪلاس روم ۾ ٽوڪ

اسلام آباد(م ڊ) تازو ئي ”موٽيويشنل اسپيڪر“ قاسم علي شاهه جون ڪجهه وڊيوز سوشل ميديا تي وائرل ٿيون جنهن کانپوءِ هن جي ٽرولنگ شروع ٿي وئي، اها ٽرولنگ ان وقت شروع ٿي جڏهن هن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي، انهن ملاقاتن کانپوءِ هن جا ڪجهه اهڙا ڪلپس به سامهون آيا جنهن ۾ هو ظاهري طور عمران خان تي تنقيد ڪري رهيو آهي، جنهن بعد کيس شديد ٽرولنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان حوالي سان هڪ وڊيو ڪلپ به سوشل ميڊيا تي موجود آهي جنهن ۾ هو ٻڌائي رهيو آهي ته هن جي پٽ کيس فون ڪري چيو ته ” منهنجي پوري ڪلاس پاپا مون کي بُلي(ٽوڪ) ڪري آهي، تنهنجي پيءُ ڇا ڪيو آهي؟ ان کانپوءِ قاسم علي شاهه اتي موجود ماڻهن کي مخاطب ٿيندي پڇيو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، مون کي ٻڌايو؟ ان ڪلپ کانپوءِ ڪجهه صارف اهڙا به آهن جن جو خيال آهي ته ڪنهن به ٻار کي ٽرول ڪرڻ غلط آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.