گلشن حديد گينگ ريپ ڪيس جي جوابدارن کي عمر قيد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گلشن حديد ۾14سال جي نينگري کي گينگ ريپ جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ چئن جوابدارن عديل ميمڻ، مزمل، عرض ۽ سبحان کي عمر قيد جي سزا ٻڌئي ڇڏي.عدالت ضمانت تي آزاد جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن 12جنوري 2021ع تي گلشن جديد ۾ 14سالن جي نينگري سان زيادتي ڪري سندس وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي هئي، جوابدارن خلاف گلشن حديد ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.