لنڊن (م د) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته عمران خان جي 4 سالن واري حڪومت ۾ ماڻهو بدحال ٿي ويا.لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪي حالتون بهتر بڻائڻ اسان جي ذميواري آهي،پاڪستان کي انهن ڏکيائين مان ڪڍنداسين.هن چيو ته عمران خان جي 4 سالن جي منهنجي 4 سالن سان ڀيٽ نه ڪريو، عمران خان جي چار سالن ۾ ماڻهو بدحال ٿي ويا.هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ خراب حالتون ٺيڪ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي.اڳوڻي وزيراعظم اهو به چيو ته ملڪ سان ڪنهن ڪريل مذاق ڪئي، نه ڪنهن جي شڪل ۽ نه نالو ڇپيل آهي، سڀ ڄاڻن ٿا.