سليمان شهباز جو مفتاح بابت ٽوئيٽ نامناسب هو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نئين سياسي جماعت بڻائڻ جي ڪا به سوچ ناهي، منهنجي راءِ آهي ته مشڪل فيصلا ڪرڻ گهرجن، عمران خان ڪي به فيصلا نه ڪيا، موجوده حڪومت سياسي قيمت ادا ڪئي آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اهڙا مشڪل فيصلا ٿيڻ گهرجن جيڪي ماضي ۾ ٿيڻ گهرجن ها، وزيراعظم شهبازشريف ئي مشڪل فيصلا ڪري سگهي ٿو، عوام کي دوکو ڏئي ووٽ وٺڻ جو ڪو به فائدو ناهي، مشڪل فيصلن جو اثر مهانگائي جي صورت ۾ ايندو، ملڪ ۾ رڳو جماعت اسلامي ئي واحد جماعت آهي جنهن ۾ پارٽي بنياد تي چونڊون ٿين ٿيون، باقي پارٽين ۾ اتفاق راءِ سان قيادت ايندي آهي، هن چيو ته ن ليگ کان ڌار ٿيڻ جو ارادو ناهي، سليمان شهباز پاران اڳوڻن ٽن ناڻي وزيرن کي ” جوڪر“ ڪوٺڻ واري ٽوئيٽ مناسب ناهي، ان جي حمايت نه ڪندس، مون کي ٻڌايو ته مفتاح اسماعيل جي ڪهڙي پاليسي خراب هئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.