بجلي، گئس مهانگي ،مني بجيٽ جي منظوري، سخت فيصلا ڪرڻا پوندا:وفاقي سرڪار

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف واڌو ٽيڪس لاڳو ڪري 150 کان 200 ارب رپيا گڏ ڪرڻ، گئس ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ ۽ مني بجيٽ آڻڻ سميت ڪيترن ئي سخت فيصلن تي عملدرآمد لاءِ اصولي منظوري ڏئي ڇڏي ته جيئن آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ وقفي کي ختم ڪري سگهجي. اربع ڏينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ هڪ آن لائن اجلاس ٿيو، جيڪو ساڍن ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ حڪومت طرفان اهم فيصلا ڪيا ويا.ذريعن موجب اجلاس خميس تي ٻيهر ٿيندو، جنهن ۾ وڌيڪ اهم فيصلا ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي هلندڙ مالي سال لاءِ بجلي جا اگهه وڌائڻا پوندا، گئس جي شعبي ۾ موجوده اگهه 650 في ايم ايم بي ٽي يو کي وڌائي سراسري طور 1100 ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻو پوندو. في الحال ملڪ 1640 ارب رپين جي گردشي قرضن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ حڪومت کي اين اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي ايل جي وڏي ڊيويڊنڊ ذريعي 800 کان 850 ارب رپيا ريڪور ڪرڻا پوندا، حڪومت پهرئين مرحلي ۾ بجلي جي ٽيرف ۾ ساڍا 4 رپيا في يونٽ، ٻئي مرحلي ۾ 4 رپيا في يونٽ هلندڙ مالي سال وڌائيندي. ان کانسواءِ شربت ۽ سگريٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائڻ سان گڏوگڏ پيٽروليم شين تي جي ايس ٽي ۾ واڌ تي به غور ڪيو پيو وڃي. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جي سختي سان مخالفت ڪري چڪو آهي ۽ چئي چڪو آهي ته ان سان سخت مهانگائي ٿيندي. 03

اسلام آباد( م ڊ) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته خواهش آهي ته عام ماڻهوءَ تي بار نه پوي پر آءِ ايم ايف ڪجهه ٻيو چاهي ٿو، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ آءِ ايم ايف جون سموريون ڳالهيون مڃڻيون پونديون، سخت فيصلا به ڪرڻا پيا ته ڪنداسين. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا سينيٽ جي ناڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ غير معمولي صورتحال آهي، اها اميد نه رکو ته زندگي اڳ جيان معمول موجب هلندي، اسان هڪ بحران مان گذري رهيا آهيون، اسان وٽ ڊفالٽ ٿيڻ کان بچڻ جا پلان موجود آهن ۽ سخت فيصلا ڪرڻا پيا ته ڪنداسين . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.