سياست ۾ دلچسپي آهي ته وردي لاهيو: برازيلوي صدر جو فوج کي پيغام

برازيليا(م ڊ) برازيل جي صدر لولا ڊي سلوا چيو آهي ته مون کي فوج سان ڪو مسئلو ناهي، نه ئي انهن کي مون سان مسئلو آهي پر جيڪي سياست ۾ ملوث هئڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا اهي وردي لاهين ،استعيفيٰ ڏين ۽ پوءِ سياست ۾ اچن، برازيل جي صدر 8 جنوري تي راڄڌاني ۾ ٿيندڙ وڳوڙن کي انٽليجنس ايجنسين جي ناڪامي قرار ڏنو، هن چيو ته برازيليا جي عمارتن تي اڳوڻي صدر بولسونارو جي حامين حملو ڪيو، اها انٽيليجنس جي ناڪامي هئي، اسان وٽ آرمي انٽليجنس، ايئرفورس انٽليجنس، اي بي آءِ اين(ڳجهي ايجنسي) موجود آهي پر انهن مان ڪنهن مون کي اطلاع نه ڏنو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.