آرمي چيف کي پيغام آهي ته آئين جا تابع بڻجي وڃو: اعظم سواتي

ڪراچي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي چيو آهي ته پاڪستان کي قانون جي حڪمراني جي ضرورت آهي، مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته گذريل ڏينهن وڪيلن جي سيمينار ۾ قانون جي حڪمراني تي ڳالهه ٿي، اها ڳالهه پاڪستان جي مستقبل لاءِ آهي، هاڪاري ڳالهه تي پارٽي ۽ پاڪستان کي قائل ڪندس، هن چيو ته پاڙيسري جي معيشت پنج ٽريلين تائين پهچي وئي ۽ اسان ڪٿي بيٺا آهيون، هن چيو ته آرمي چيف کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو جنهن آئين تي حلف کنيو، ان جي تابع بڻجو، ته پاڪستان جي صورتحال ڪجهه مهينن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي

ڊالر بي لغام، 229  رپين کان چڙهي ويو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري رهيو. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي آمريڪي ڊالر 229 رپيا 15 پئسا تي بند ٿيو، جيڪو گذريل ڏينهن 228 رپيا 91 پئسا هو. اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي قدر ۾ 50 پئسا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 239.50 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو مليل جليل لاڙو رهيو. انڊيڪس 40 پوائنٽون وڌي ويون آهن. 03

حڪمرانن کي ڏکين فيصلن تي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي: شوڪت ترين

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت ترين چيو آهي ته موجودا حڪمرانن کي ڏکين فيصلن تي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. لاهور ۾پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته ڪورونا وبا باوجود پي ٽي آءِ سرڪار ٻن سالن ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي ڏيکاري پر مهانگائي کي جواز بڻائي اسان جي حڪومت خلاف سازش ڪئي وئي جڏهن ته موجودا حڪمرانن ڇهن مهينن ۾ 6.5 ٽريلين جو قرض ورتو آهي جڏهن ته  اسان چئن سالن ۾ 19 ٽريلين جو قرض ورتو هو. هن چيوته مُلڪ معاشي بدحالي جو شڪار آهي، سترنهن ملين ڊالر پاڪستانين مُلڪ مان ڪڍي ورتا آهن، پئسا اچن نه پيا رڳو وڃي رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سعودي ناڻي واري وزير به قرض مشروط ڪري ڇڏيو آهي، ورلڊ بئنڪ 1.1 ارب ڊالرز به روڪي ڇڏيا آهن، سڀ چئي رهيا آهن ته آءِ ايم ايف جو پروگرام سائن ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.