عمران خان، اعظم سواتي ۽ شهباز گل کان وڏو گناهه علي وزير جو؟

اسلام آباد (عبدالله طارق سهيل) ملڪ جي ميڊيا، عوام ۽ مون سميت صحافين کي اڄ  ڏينهن تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي ته ڇا ايم اين اي علي وزير جو گناهه عمران خان، شهباز گل ۽اعظم سواتي جي گناهه کان وڏو آهي، جنهن ڪري هو وڏي عرصي کان قيد آهي. نامياري سينيئر صحافي جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي ڄمار ۾ ڪنهن به سياستدان کي سيڪيورٽي ادارن خلاف ائين کلئي عام ڳالهائيندي نه ٻڌو اهي. جيئن عمران خان ڳالهائي رهيو آهي. شهباز گل جيان ميديا تي اچي اداري خلاف جيڪو ڳالهايو ائين به ڪنهن کي ڳالهائيندي نه ٻڌو آهي ۽ نه ئي اعظم سواتي جيان اداري ۽ ان جي سربراهه خلاف ڪنهن کي ڳالهائيندي ٻڌو آهي. سچ ته اهو به آهي ته علي وزير ڪهڙو گناهه ڪيو آهي. ان بابت به تفصيلي ڄاڻ  نه آهي. ان باوجود عمران خان ، شهباز گل توڙي اعظم سواتي آزاد آهن.  ۽ ايم اين اي علي وزير قيد آهي. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. اسان جو خيال آهي ته نئين اسٽيبلشمينٽ کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي علي وزير جو جيڪڏهن ڪو گناهه آهي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ڏوهه ثابت ڪري بيشڪ سزا به ڏني وڃي پر جڏهن عدالتون ان جي ضمانت منظور ڪري چڪيون آهن ته ان کي آزاد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ان کي قيد رکڻ جو قانوني يا اخلاقي جواز نه ٿو رهي.

علي وزير کي ضمانت آرڊر جون ڪاپيون جمع ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي آرڊر خلاف ايم اين اي علي وزير جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت ۾ علي وزير جي وڪيل قادر خان چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪراچي ڪي پي پوليس کي علي وزير جي ڪسٽڊي ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، هي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، علي وزير ڪي پي عدالت مان ضمانت تي آهي، ٽرائل عدالت کي ڪي پي کي ڪسٽڊي ڏيڻ گهرجي.عدالت وڪيل کي هدايت ڪئي ته مهيني ۾ ڪي پي عدالت جي ضمانت جي آرڊر جون ڪاپيون جمع ڪرايون وڃن.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي پي پوليس جي درخواست رد ڪئي هئي. هن چيو ته جيستائين ڪيس هلي رهيو آهي، علي وزير کي ڪي پي پوليس حوالي نه ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.