وڏا ماڻهو گڏ ٿيل ڊالر ٻاهر ڪڍين ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوي:احسن اقبال

اسلام آباد ( م ڊ) وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته وڏا ماڻهو گڏ ٿيل ڊالر ٻاهر ڪڍين ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته قرضن ۾ واڌ ۽ دوست ملڪن جي امداد سان مستقل طور ملڪ نه ٿو هلائي سگهجي. هن چيو ته  امداد ، خيرات ۽ قرضن سان معيشت نه ٿي هلائي سگهجي، سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. احسن اقبال چيو ته اقتدار ۾ اچڻ سان ئي معاشي چئلينج کي چئلينج سمجهي کنيو سين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.