مڪاني چونڊ نتيجن ۾ دير سبب چونڊ عمل کي شڪي بڻايو: فافن

اسلام آباد( م ڊ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته چونڊ نتيجن ۾ دير سبب چونڊ عمل کي شڪي بڻايو.  فافن جي رپورٽ موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ ووٽ ڏيڻ جي شرح ۾ چڱو فرق رهيو. رپورٽ موجب  متحده جي بائڪاٽ سبب شهرن ۾ چونڊ عمل سست رهيو.  رپورٽ ۾ چيو ويو ته عام چونڊن جي سال ۾ چونڊ عمل تي شڪ ۽ تڪرار سان سٺو تاثر نه اڀرندو. ملڪ ۾ سياسي استحڪام شفاف چونڊن سان ئي اچي سگهي ٿو.  رپورٽ موجب بدين، دادو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ٺٽي ۽ ملير ۾ ماڻهو نمايان انگ ۾ نڪتا. حيدرآباد ۾ ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو، ڪراچي ۾ ملير کان سواءِ ٽرن آئوٽ 20 سيڪڙو تائين رهيو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.