پي ڊي ايم ننڍي چونڊ بدران آڪٽوبر ۾ عام چونڊون وڙهندي: راڻا ثناءُ الله

لنڊن (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ڊي ايم ننڍي چونڊ نه پر آڪٽوبر ۾ عام چونڊ وڙهندي.لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات کان اڳ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان 35 تڪن تان چونڊ وڙهي يا 70 تان، ان ڀيري عمران خان جو پٽو کولي ڇڏينداسين. هن چيو ته نواز شريف کان پارٽي جي تنظيمي معاملن ۽ موجوده سياسي صورتحال تي رهنمائي وٺندس. واضح رهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي 34 ميمبرن ۽ شيخ رشيد جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.