سنڌ ۾برسات ۽ ٿڌين هوائن سبب سيءَ ۾واڌ، ٻوڏ متاثرن جا اهنج ٻيڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري کان پوءِ ٿڌ وڌي وئي، جنهن بعد گرم شين جي استعمال ۾ پڻ اضافو ٿي ويو جڏهن ته روڊ رستن توڙي پنهنجن ڊٺل گهرن ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا. سکر، ڪنڌرا، صالح پٽ ۽ پسگردائي وارن علائقن ۾ هلڪي برسات سبب ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو. موسميات کاتي موجب  سکر، خيرپور، جيڪب آباد، شڪارپور، دادو، نواب شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو. لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪاري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ وڌي وئي. جڏهن ته ٿڌ ۾ واڌ کان پوءِ سرڪاري توڙي خانگي آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ حاضري انتهائي گهٽ رهي، شهري ٿڌ کان بچڻ لاءِ گهرن تائين محدود ٿي ويا. ٻئي پاسي وقفي وقفي سان پيل وسڪاري دوران سيپڪو طرفان بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب عام زندگي توڙي ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر رهيون جڏهن ته گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب گهريلو عورتن کي خاص طور رڌ پچاءَ جي وقت سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. باڊهه، ڏوڪري، ڳيريلو، نئون ديرو قمبر، پکو، وڳڻ، بهرام، گاجي کهاوڙ، وارهه، ميروخان، مدئجي، شڪارپور، ميان صاحب، همايون مبارڪپور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، سرحد، خانواهڻ، واهي پانڌي ۾ به وسڪاري کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي. غوث پور شهر جي مختلف علائقن ۾  هلڪي برسات جو وسڪارو سڄو ڏينهن جاري رهيو، ٿڌ ۾ اضافي سبب رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا. هوڏانهن ٿڌ کان بچڻ لاءِ شهرين گرم ڪپڙن ۽ شين جي استعمال ۾ واڌ ڪندي ڪاٺين ۽ ڪوئلن جي ذريعي باهه ٻاري پاڻ کي ٿڌ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي پاسي موسميات کاتي طرفان ڪالهه سڄو ڏينهن وقفي سان برسات جاري رهڻ سان گڏ ٿڌ ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪندي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڻ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اڳواٽ اپائن وٺن.ٻئي طرف بلوچستان جي ٿڏين هوائن ٻيهر ڪراچي جو رخ ڪري ڪري ورتو، ڪالهه خميس ڏهاڙي گهٽ ۾ گهٽ پارو 9.5 ڊگري رڪارڊ ٿيو.موسميات کاتي موجب ڪالهه گهٽ ۾ گهٽ پارو 9.5 ڊگري جڏهن ته وڌ کان وڌ 29.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.موسميات کاتي موجب اڄ جمعي تي هوائن جي رفتار وچٿري رهڻ جو امڪان آهي.چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب 22 ۽ 23 جنوري جي وچ تي ٿڏي هوا هڪ ڀيرو ٻيهر سيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.هن جو چوڻ هو ته ان دوران گهٽ ۾ گهٽ پارو 5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو، ٿڏ جي نئين لهر هڪ هفتي تائين جاري رهي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.