ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جا 137 واقعا، رپورٽ وڏي وزير حوالي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو رپورٽ پيش ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 137 واقعا رپورٽ ٿيا جنهن ۾ موبائيل/روڪ رقم جي چوري جا 68، ڪار چوري جا 7، موٽرسائيڪل چوري جا 16 ۽ ٻين چورين جا 46 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته مزاحمت دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا 8 پوليس مقابلا ٿيا جن ۾ 9 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 20 اسٽريٽ ڪرمنل/چور واقعي واري هنڌان پڪڙيا ويا. ڪل 182 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو

بلاول ڀٽو پاران گورنر سنڌ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي کيس گلدستو موڪليو ۽ سندس جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب سنڌ جي گورنر نيڪ خواهشن ۽ صحتيابي جي دعا تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.