ٽنڊي جان محمد ۾ سستو اٽو نه ملڻ خلاف شهرين جو ڌرڻو

انب موري (علي احمد جروار ) فلور مل ٽنڊو جان محمد پاران سستو اٽو فراھم نه  ڪرڻ خلاف مقامي عوام ڌرڻو ھڻي 4 ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽنڊو جان محمد کان جھڏو روڊ جي ٻنھي پاسن جي ٽرئفڪ جام ٿي وئي، پي ايس ٽنڊو جان محمد ايس ايڇ او جنيد قمر ميمڻ جي يقين ڌياني کان پوءِ متاثرن ڌرڻو ختم ڪيو. ڌرڻي دوران متاثرن جو چوڻ ھو ته ڪيترن ئي ڏينھن کان ايمان فلور مل مالڪ اسان کي سستو اٽو نٿو ڏي، جڏھن ته مل ۾ موجود ملازم اسان کي ڌڙڪا ڏين ٿا ھنن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته مقامي انتظاميا ۽ مل مالڪ جي ھٺ ڌرمي سبب گورنمنٽ کان ملندڙ ڪڻڪ ڳري اگهھ تي کپايو ڇڏين عام پبلڪ کي اٽو فراھم نٿو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.