روس اهڙو هٿيار ٺاهي ورتو جيڪو ڪنهن نه ٺاهيو، وڏا وڏا ملڪ تباهه ڪري سگهي ٿو !

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس سونامي ٺاهي سڄو ملڪ تباهه ڪندڙ هٿيار ٺاهي ورتو آهي جنهن کي مونسٽر بم چون ٿا.

هن بم بابت چيو وڃي ٿو ته اهو سمنڊ ۾ 8 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگهي ٿو ۽ مبينا طور تي هن کي وڏي آبدوز تي لڳايو ويو آهي جيڪا دنيا ۾ سڀ کان ڊگهي آهي.

روس نے پورا ملک تباہ کرنے والا ہتھیار بنا لیا

برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب روس بحري بم ياتارپيڊو پوسائيڊن تيار ڪيو آهي جيڪو فائر ٿيڻ بعد سونامي پيدا ڪري سڄي برطانيا کي سمنڊ ۾ ٻوڙي سگهي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته روس اهو بم نيٽو ملڪن خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ڪيو آهي.

هر روسي آبدوز اهڙا 6 ايٽمي تارپيڊوز کڻي سگهي ٿي اهو سامونڊي بم وڏي ساحلي شهرن کي مڪمل طور تي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

پوسائيڊن نئين قسم جو اسٽريٽجڪ جوهري هٿيار آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ آواز پيدا ڪري ٿو ۽ سولائي سان رخ تبديل ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.