ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري رپورٽ موجب نئين سال جي ٻئي هفتي پهريون ڀيرو ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته درآمدون روڪڻ سان ذخيرا ڪرڻ جو عمل رڪيو آهي، 13 جنوري تائين ذخيرا 10 ارب 44 ڪروڙ ڊالر رهيا.
Total liquid foreign #reserves held by the country stood at US$ 10.44 billion as of January 13, 2023.
For details https://t.co/WpSgomnKT3 pic.twitter.com/DQUGDu3oNT— SBP (@StateBank_Pak) January 19, 2023
جنوري جي ٻئي هفتي ذخيرا 25 ڪروڙ 58 لک ڊالر وڌيا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 25 ڪروڙ 80 لک ڊالر واڌ سان 4.60 ارب ڊالر آهن، جڏهن ته 13 جنوري تائين ڪمرشل بئنڪن جو ذخيرو 22 لک ڊالر گهٽ ٿي 5.84 ارب ڊالر رهيو.