ڪوچز پاران 10 کان وڌيڪ عورت ريسلرز جي جنسي استحصال جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪمن ويلٿ گيمز ۽ ايشين گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ واري پهرين هندستاني عورت ريسلر ونيش فوگٽ هندستان جي ريسلنگ فيڊريشن (WFI) تي الزام هنيا آهن.

ونيش فوگٽ ڊبليو ايف آءِ ۽ ان جي صدر برج ڀوشن شرن سنگهه تي الزام مڙهيندي چيو ته ڪوچ ڪيترن ئي سالن کان عورت ريسلرز جو جنسي استحصال ڪري رهيا آهن جڏهن ته عورت ريسلرز کي ڊبليو ايف آءِ جي ماڻهن قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن.

گولڊ ميڊلسٽ ونيش فوگٽ سميت ريسلرز، اڄ نئين دهلي ۾ احتجاج ڪيو ۽ برج ڀوشن شرن سنگهه کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو.

عورت ريسلرز ڪوچز خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن

هنن چيو ته اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته جيڪڏهن اسان ڳالهايو ته اسان جو ڪيريئر ختم ڪيو ويندو، فيڊريشن جي ميمبرن طرفان عورت ريسلرز جي بي عزتي ڪئي وئي، اسان وزير اعظم تائين به دانهن ڏني.

هن چيو ته ڪجهه ڪوچز وفاق جي ويجهو آهن، انهن نوجوان ڇوڪرين جو استحصال ڪيو آهي، خبر ناهي ڪيتريون نوجوان ڇوڪريون متاثر ٿيون آهن.

سندن چوڻ هو ته تقريبن 10 کان 12 عورتن ٻڌايو آهي ته انهن کي WFI پاران جنسي طور تي هراسان ڪيو ويو آهي، مان انهن جا نالا نه ٿي ٻڌائي سگهان پر آئون جوابدارن کي ضرور ظاهر ڪنديس جڏهن اسان وزيراعظم ۽ گهرو وزير سان ملنداسين.

اولمپڪس برانز ميڊل کٽيندڙ بجرنگ پونيا جو چوڻ آهي ته اسان جي صدر کي هٽائڻ تائين ڪنهن به عالمي تقريب ۾ شرڪت نه ڪنداسين، اسان جي جنگ حڪومت يا اسپورٽس اٿارٽي آف انڊيا سان نه پر ڊبليو ايف آءِ سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.