عمران خان خلاف ڳالهائڻ تي گهر ۾ ماني به ناهي ملندي: صحيفا جبار

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ماڊل ۽ اداڪارا صحيفا جبار خٽڪ چيو آهي ته سندس سس ۽ ماءُ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جون وڏيون مداح ۽ حامي آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ صحيفا هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي کانئس سياست بابت سوال ڪيا ويا.

جواب ۾ اداڪارا چيو ته مون کي سياست ۾ ڪا به دلچسپي ناهي پر منهنجي ماءُ ۽ سس ٻئي عمران خان جون وڏيون مداح آهن، اهي ٻئي سندس تمام گهڻي حمايت ڪن ٿيون.

صحيفا جبار چيو ته جيڪڏهن اسان مان ڪو غلطيءَ سان عمران خان خلاف ڪجهه چوي ۽ اسان جي سامهون کاڌو هجي ته ٻئي ان کي کڻي واپس وٺي ڇڏينديون آهن.

هن کلندي چيو ته عمران خان کي ڪجهه چوڻ تي ٻئي پاڻ ۾ وڙهنديون آهيون.

اداڪاره جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جا مداح سندس خلاف ڪجهه به نه ٿا ٻڌي سگهن، اهي ڏاڍا ڪاوڙجي پوندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.