دماغ کي صحتمند رکڻ چاهيو ٿا ته هي ورزشون معمول جو حصو بڻايو

 

جسماني صحت تڏهن ئي برقرار رکي سگهجي ٿي جڏهن دماغ صحتمند ۽ توانو هجي، دماغ کي صحتمند رکڻ لاءِ متوازن غذا سان گڏ جسماني سرگرمي به ضروري آهي.

هونئن ته هر قسم جي ورزش دماغ لاءِ فائديمند تصور ڪئي ويندي آهي پر انهن مان ڪجهه اهڙيون آهن، جيڪي تمام گهڻيون ڪارآمد آهن.

هتي اسان توهان کي انهن ورزشن بابت ٻڌائينداسين، جيڪي دماغي صحت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

تيز پنڌ ڪرڻ

پنڌ ڪرڻ سان صحت بهتر رهي ٿي پر تيز هلڻ دماغ لاءِ به فائديمند آهي، تازي تحقيق موجب هڪ ڏينهن ۾ 4000 کان وڌيڪ قدم هلڻ سان وڏي عمر جي ماڻهن جي يادداشت تي هاڪاري اثر پوندا آهن.

سائيڪلنگ

هڪ تحقيق موجب 50 ورهين يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ سائيڪل هلائڻ جي عادت نه رڳو دماغي صحت کي فائدو ڏئي ٿي پر ذهني مرضن جي نتيجي ۾ دماغي ڪمزوري گهٽ ڪرڻ ۾ به مدد فراهم ڪري ٿي.

ڊانسنگ

مختلف مطالعن جي نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڊانس ڪرڻ سان دماغي مرضن جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.