ميانمار فوج جي مقامي ڳوٺ تي بمباري، ست ڄڻا مارجي ويا، سوين گهر تباهه

ميانمار جي علائقي ساگاينگ جي ڳوٺ ۾ فوج طرفان هڪ تقريب تي هوائي بمباري جي نتيجي ۾ ست ڄڻا مارجي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ميانمار جي فوج مقامي ڳوٺ ۾ جاري هڪ تقريب تي بمباري ڪئي جنهن سبب ست ڄڻا مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿي پيا آهن.

اکين ڏٺن شاهدن موجب بمباري سبب سوين گهر تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته بجلي ۽ مواصلاتي نظام به سخت متاثر ٿيو آهي.

ٻئي پاسي هوائي حملي بابت ميانمار جي فوج طرفان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ميانمار جي فوج مُلڪ ۾ آزادي عليحدگي پسندن خلاف ڪارروائين ۾ مصروف آهي پر ان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ آپريشنز دوران بي ڏوهه ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا الزام به لڳندا رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.