چُلهي ۾ گئس جو پريشر گهٽ ٿو اچي ته هي طريقو ضرور آزمايو

 

سياري ۾ اڪثر گئس جو پريشر گهٽ رهندو آهي ۽ رڌ پچاءَ لاءِ ماڻهن کي مجبورن سئلينڊر يا ٻيو ڪجهه استعمال ڪرڻو پوندو آهي.

ملڪ ۾ اڄڪلهه گئس جو شديد بحران آهي ۽ لاڳاپيل ادارن طرفان گئس جي لوڊشيڊنگ به ڪئي پئي وڃي پر ضروري ناهي ته هر ڀيري گئس جو گهٽ پريشر ئي مسئلو هجي.

ڪڏهن ڪڏهن گئس پويان ته مڪمل ايندي آهي پر توهان وٽ مڪمل ناهي پهچندي، چُلهو صحيح طريقي سان ناهي ٻرندو ۽ کاڌو پچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اينديون آهن.

ته ضروري آهي هڪ ڀيرو چُلهي جو برنر به چيڪ ڪيو، گئس پريشر ۾ گهٽتائي جو هڪ سبب اهو به آهي ته چلهي جي برنر ۾ موجود ننڍن ننڍن سوراخن ۾ ڪچرو گڏ ٿي ويندو آهي.

ان ڪچري سبب گئس درست نموني برنر تائين ناهي پهچي سگهندي ۽ چلهو مڪمل گئس ناهي ڏيندو.

ان مسئلي جي حل لاءِ توهان ماچيس جي تيلين تي ويسلين لڳايو ۽ انهن کي برنر جي سوراخن ۾ وجهڻ کانپوءِ ڪڍي ڇڏيو، ائين ڪيترائي ڀيرا ڪيو ته جيئن سوراخن جي صفائي ٿي وڃي.

هاڻ توهان چلهو ٻاريندئو ته گئس مناسب مقدار ۾ ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.