مون وٽ اڃا گهڻا ڪارڊ باقي آهن، نااهل ٿيس ته به پي ٽي آءِ کي ووٽ ملندا: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي نااهل ڪيو ويو پوءِ به ماڻهو پي ٽي آءِ جي نظريي کي ووٽ ڏيندا.

لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب جي گورنر ايڊوائس ۾ چونڊن جي تاريخ نه لکي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، سندس ان قدم کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون نه ٿيون ته سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، مون وٽ اڃا گهڻا ڪارڊ باقي آهن، کيڏندس ته پي ڊي ايم وارن جي لونءَ ڪانڊرجي ويندي، پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ پي ڊي ايم لاءِ هڪ اهڙو شاٽ آهي، جنهن جي گونج صدين تائين ٻڌي ويندي.

سندس چوڻ هو اسحاق ڊار بابت رڳو ايترو چوندس ته هو سڄي تباهي جو ذميوار آهي، ن ليگ جي اندر ڏڦيڙ جي حوالي سان سنجيده آواز ٻڌي رهيا آهيون، ن ليگ جي موروثي سياست خلاف پهريون آواز چوڌري نثار اٿاريو، نواز شريف قطعي سياستدان ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.